سنڌ فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن قاسم آباد ۾ ڪارروائي ڪري ٻن هوٽلن ۽ هڪ بيڪري تي مجموعي طور 3 لک رپيا ڏنڊ مڙهي سيل ڪري ڇڏيو آهي. فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيمن انهن هوٽلن جي کاڌي پيتي جي شين کي چڪاسيو ۽ صحت جي اصولن موجب کاڌ خوراڪ جون شيون نه هجڻ تي مٿن ڏنڊ مڙهيو ويو. جن هوٽلن تي ڏنڊ مڙهي سيل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ڪيفي ارسلان ون، ڪيفي ارسلان ٽو شامل آهن جن تي مجموعي طور 2 لک رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو جڏهن ته پڪوڙا اسٽاپ وٽ بيڪري تي پڻ ڏنڊ هنيو ويو آهي. فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيمن مختلف شڪايتن تي چلي پيزا ريسٽورينٽ جو به معائنو ڪيو ۽ ان تي به 50 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ان کي سيل ڪيو ويو آهي.