سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم پاران لاڙڪاڻي جي مختلف ڪاليجن جو دورو

 

لاڙڪاڻو:اڱارو 15 جنوري 2019ع: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم پاران غير معياري روزمرهه جي کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس لاءِ ڪاررواين جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رکيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ ڪينٽين ۾ صفائي جا جوڳا انتظام نه ڪرڻ تي ٽيم پاران ڪاوڙ جو اظهار ۽ وارننگ جاري.

ان سلسلي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪراچي جي علملي پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر علي گل سنجراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي ڪينٽين جو دورو ڪيو، جتي هنن فرجن ۾ پيل گوشت، تيار ٿيل دال، برياني ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جو معائنو ڪندي انهن جي تياريءَ ۾ جوڳا انتظام نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪينٽين جي مالڪ ۽ ملازمن کي وارننگ ڏني ته کاڌي پيتي جون شيون ٺاهڻ دوران صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ ڪچن کي صاف سٿرو رکيو وڃي ته جيئن کاڌا ۽ شيون جراثيمن مان پاڪ ۽ صاف هجن. بعد ۾ ٽيم پاران ڪينٽين جي هوٽل تي هلندڙ چانهه سميت ان ۾ استعمال ٿيندڙ کير ۽ چانهه پتي جو معائنو پڻ ڪيو

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي گل سنجراڻي چيو ته لاڙڪاڻو شهر آبادي جي حساب سان تمام وڏو شهر آهي، ٻن ڏينهن جي ڪاروائي دوران هوٽل مالڪن، بئڪرين ۽ ڪينٽين مالڪن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جيڪڏهن انهن قاعدن ۽ ضابطن موجب صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ معياري شيون ٺاهڻ کي اهميت نه ڏني ته انهن خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي

هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي ڪينٽين ۾ کاڌي پيتن جي شين کي معياري طريقي سان تيار ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته پوءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين هوڏانهن سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي ڪينٽين ۾ پهچڻ شرط وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن طرفان اهڙي ڪارروائي جي ساراهه پڻ ڪئي وئي