سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڇاپا

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيمن جا هوٽلن، مٺائي، ڪريانه، جنرل اسٽورن تي ڇاپا هنيا، 45 هزار روپيا جا ڏنڊ وڌو ويو،هڪ مٺائي جو دوڪان سيل ڪري ڪيترن ئي دوڪاندارن کي نوٽيس جاري ويا. سنڌ سيفٽي فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي 5 رڪني ٽيم مٽياري پهچي شهر جي مختلف هوٽلن، ڪرياڻي، جنرل اسٽورن ۽ مٺائي جي دوڪانن تي ڇاپا هڻي روزھ مرھ جي کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ڪئي جنهن دوران ڪجهه دوڪانن تي مدي خارج بوتلون ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪيترن ئي دوڪاندارن کي صفائي نه هجڻ تي صفائي رکڻ جون هدايتون ڪيون، هڪ مٺائي جي دوڪان تي پابندي مڙهيل ڪيميڪل ملڻ ۽ مٺائي ۾ مئل مکيون ملڻ تي دوڪان سيل ڪندي دڪاندار مٿان 25 هزار ڏنڊ مڙهيو ويو ۽ ٻين دوڪاندارن کي صفائي نه هجڻ تي 25 هزار ڏنڍ وڌو ويو.