سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڇاپا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ غيرمعياري مٺائي ۽ کاڌو وڪرو،فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا،ڏنڊ وصول، لاڙڪاڻي ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي انسپيڪٽر وسيم شيخ جي سربراهي ۾ ٽيم رائل روڊ اسٽيشن روڊ تي قائم چئن هوٽلن ۽ ٽن مٺائي جي دڪانن تي ڇاپا ھنيا ويا،غيرمعياري مٺائي ۽ کاڌو وڪرو ڪرڻ تي مٿن مجموعي طور هڪ لک 20 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ان موقعي تي فوڊ آفيسر وسيم شيخ “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته سوني سوئيٽ، حاجي سوئيٽ، حافظ سوئيٽ سميت العباس هوٽل، سبحان الله هوٽل، نيو نادر هوٽل ۽ اولڊ نادر هوٽلن تي تي غير معياري شيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، مٺائي جا دڪاندار ايڪسپائير رنگ استعمال ڪري رهيا آھن. جڏهن ته هوٽلن تي صفائي سٿرائي جو نظام به بهتر هو. هن چيو ته هوٽل ۽ مٺائي وارن کي معيار ۽ صفائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، جيڪڏهن انهن هدايتن تي عمل نه ٿيو ته سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.