سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڇاپا

لاڙڪاڻو (رپورٽ:نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ فوڊ اٿارٽي جا 4 پڪوان سينٽرن تي ڇاپا،غيرمعياري کاڌو هلائڻ تي ڏنڊ،آخري وارننگ جاري،مليل ڄاڻ موجب سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي پاران چيني لوڻ يا اجينو موتي جي کاڌن ۾ استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي پر ان جي باوجود لاڙڪاڻي جي هوٽلن ۽ پڪوان گهرن ۾ اجينو موتي عام جام استعمال ٿي رهيو آهي. فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي فوڊ سيفٽي آفيسر وسيم شيخ ڪالهه لاڙڪاڻي جي 4 پڪوان سينٽرن تي ڇاپا هنيا ۽ کاڌي تيار ڪرڻ جا مرحلا جانچيا. فوڊ سيفٽي آفيسر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته انهن پڪوان گهرن تي غيرمعياري گيهه ۽ اجينو موتي عام جام استعمال ٿي رهيو آهي، عملي جي به ڪا تربيت ٿيل ناهي نه ئي انهن جي صحت جا ڪي سرٽيفڪيٽ وٽن هئا، جنهن ڪري هر هڪ دوڪاندار تي 10، 10 هزار روپيا ڏند وڌو ويو آهي ۽ کين وارننگ ڏني آهي ته معيار کي يقيني بڻائڻ.