سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڇاپا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي شهر جي مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪري غير معياري کائڻ شيون وڪرو ڪرڻ تان ٽن دڪانن تي 65 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، غيرمعياري کاڄرو تيل ضايع ڪيو ويو. فوڊڪنٽرول اٿارٽي ٽيم شهر جي مختلف 7 هنڌن تي ڇاپا هنيا، کاڄرو تيل، کير ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون غير معياري شيون وڪرو ڪرڻ تان ٽن دڪاندارن تي مجموعي طور 65 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته چئن دڪاندارن تي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ وارننگ ڏني وئي. فوڊڪنٽرول اٿارٽي جي انچارج محبوب ڀٽي ٻڌايو ته اڄ اسان شهر جي ساگر تيل جي ڊيپو تي ڪارروائي ڪري کليل 400 ليٽر کاڄرو تيل ضايع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو غير معياري هو. مالڪ تي 50هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آھي. ان کانسواءِ هڪ ڊيري شاپ ۽ برياني واري دڪان تي 15 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. هن چيو ته جيڪو به شهرين کي غير معياري کاڌو وڪرو ڪندي پڪڙيو ويو ته کيس ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو