ميرپورخاص ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم جا ڇاپا، غير معياري شيون وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ

ميرپورخاص:اڱارو 16 جولاءِ 2019ع:سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد جي ٽيم  امجد چانڊيو جي سربراهي ۾ ميرپورخاص جي مٺائي جي دڪانن، هوٽلن ۽ روز مره جي کائڻ پيئڻ جون شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ ريڙهن تي ڇاپا هڻي ،کائڻ پيئڻ جي شين جي تياري ۾ صفائي جو خيال نه رکڻ وارن تي ڏنڊ هنيو ويو.

جڏهن ته صفائي جي معيار تي پورو نه لهڻ ۽ پابندي واري ڪيميڪل امونيا جي استعمال ڪرڻ تي اسٽيشن ويجهو محمدي سويٽ اينڊ بيڪرز تي 50 هزار جو ڏنڊ وڌيو ويو.

ٻئي پاسي سلطان هوٽل جي مالڪ تي صفائي جو خيال نه رکڻ ، غير معياري ۽ لوڪل کليل مصالحه استعمال تي 30 هزار روپين جو ڏنڊ هڻي ڇڏيو، ڪيفي شيراز جي مالڪ تي 30 هزار، آفتاب ڪڙاهي گوشت جي هوٽل تي 10 هزارن جا ڏنڊ هنيا ويا، جڏهن هوٽلن ۽ ٻين دڪانن تان غير معياري مصالحه قبضي ۾ وٺي ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ گڏ ساڻ کڻي ويا، جڏهن ته جوس وڪرو ڪندڙ دڪاننن تي مدي خارج شربت بوتلون هٿ ڪيون ويون.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد امجد چانڊيو ٻڌايو ته صوبائي وزير فوڊ ۽ سوشل ويلفيئر هري رام ڪشوري لال ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ امجد علي لغاري جي هدايتن تي اها ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ اهي ڪارروايون تيستائين جاري رهنديون جيتائين دڪاندار صفائي ۽ صحت جي معيار تي پورو نه لهندا، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته جنن دڪاندارن تي ڏنڊ وڌيو ويو آهي اهي پندرنهن ڏينهن ۾ ڏنڊ جي رقم سنڌ بينڪ ۾ جمع ڪرائن.