نيوسعيد آباد ۾ فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا، 4 دڪانن تي 25 هزار ڏنڊ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي سعيد آباد جي علائقي ۾ جنرل اسٽور، ڊيري شاپ، هوٽل ۽ مٺائي جي دڪانن تي ڇاپا هڻي غيرمعياري شيون وڪرو ڪرڻ تي مجموعي طور 25 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو آهي جڏهن ته 40 ليٽر کير کي  پڻ ضايع ڪرائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشن امتياز علي ابڙو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيد آمر حسين رضوي گڏيل طور تي نيو سعيد آباد ۾ ڪارروائي ڪري جنرل اسٽور، ڊيري شاپس، هوٽل ۽ سوئٽ اينڊ بيڪرز جي دڪانن تي مجموعي طور 5 نوٽيس ڏنا. کير جي چڪاس دوران فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيمن مختلف ٽيسٽون ڪيون ۽ کير ۾ ڪميڪلز ۽ پاڻي جي موجودگي تي 40 ليٽر کير پڻ ضايع ڪرائي ڇڏيو. ڊيري جي مالڪ تي 5 هزار رپيا ڏنڊ پڻ مڙهيو. ساڳئي ٽيم چشتي مٺائي جي دڪان تي ڇاپو هڻي صحت لاءِ هاڃيڪار مٺائي وڪڻن تي 5 هزار رپيا ڏنڊ هنيو. ٽيمن بسم الله هوٽل جي رڌڻي ۽ کاڌي پيتي جي شين جو جائزو به ورتو. ان کانسواءِ ميزان پڪوڙا شاپ تي 5 هزار ۽ فرحان جنرل اسٽور تي 10 هزار رپيا ڏنڊ پڻ مڙهيو. ٽيمن جي ڇاپي سبب دڪاندارن ۽ هوٽلن جي مالڪن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو